پ پ جو سينيٽ اليڪشن ۾ فيصل واوڊا کي سپورٽ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: (م ڊ) پ پ سينيٽ چونڊ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي سپورٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ موجب فيصل واوڊا کي سپورٽ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، هو هن شهر مان ايم اين اي رهيو آهي.

تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي هن چيو ته انهن کي هاڻ عدليا جي آزادي جو خيال اچي رهيو آهي، جڏهن بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا ته ان وقت عدليا جي آزادي ڪنهن کي ياد نه آئي.

سندس چوڻ هو ته ڪچي جي معاملي ۽ اسٽريٽ ڪرائمز تي ضابطي لاءِ حڪومت سنجيده آهي، هر شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جو فرض آهي، اسان کي سنڌ ۾ هٿيار ۽ منشيات جي آمد کي روڪڻو آهي، ملڪ ۾ هٿيار ۽ منشيات کي سرحدن تي روڪڻ وفاقي ادارن جي ذميواري آهي.

Read Previous

چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام: پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي علي امين خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

Read Next

سينيٽ جي 30 سيٽن تي پولنگ جاري, خيبرپختونخواهه ۾ چونڊو ملتوي ڪرڻ جي درخواست

Most Popular