سنڌ سرڪار پاران 50 کان وڌيڪ اسسٽنٽ ڪمشنر، اي ڊي سي ون ۽ اي ڊي سي ٽو تبديل

Karachi: Sindh Chief Minister Syed Murad Ali Shah presides over a meeting regarding preparation of CCI meeting to held in Islamabad tomorrow.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار 50 کان وڌيڪ اسسٽنٽ ڪمشنر، اي ڊي سي ون ۽ اي ڊي سي ٽو تبديل ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل غلام نبي کي اي سي خيرپور مقرر ڪري اتان محمد علي کي بدلي ڪري ڪنگري ۾ مقرر ڪيو ويو، ڪنگري جي اي سي قمر الدين راهپوٽو کي شهدادپور ۾ مقرر ڪري اتان شاهده پروين کي بدلي ڪيو ويو آهي، جنهن کي وري اي ڊي سي ون نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو. اي ڊي سي ون نوشهروفيروز سميع الله سنجراڻي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته عمرڪوٽ جي اي ڊي سي ٽُو سنجي ڪمار کي بدلي ڪري اي سي سامارو مقرر ڪيو ويو، علي محمد ميمڻ کي اي ڊي سي ٽو عمرڪوٽ ۽ راجيش ڪمار کي اي ڊي سي ٽو بدين مقرر ڪيو ويو آهي.  محمد نواز ڪلهوڙ کي اي سي ڪياماڙي، ريحان کي اي سي ڪوٽ غلام محمد، راشد مقصود کي اي ڊي سي ٽو ميرپورخاص، پريم چند کي اي سي حسين بخش مري ۽ دريا خان چانڊيو کي اي سي ڪوٽڏيجي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽڏيجي جي اي سي وقار  احمد کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو، مظهر علي کي اي سي شجاع آباد مقرر ڪري اتان اميما سولنگي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ندا کي اي سي سائيٽ ڪراچي،  زنيرا جليل کي اي سي ٽو ڪراچي ۽ عذير الله سومرو کي اي سي بلڙي شاهه مقرر ڪيو ويو، ارسلان حيدر کي اي ڊي سي ٽو خيرپور مقرر ڪري اتان غضنفر شاهه کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو ، وليد کي اي سي سجاول، بابرعلي کي اي سي ميرپورماٿيلو، حافظ ذيشان کي اي سي ڏهرڪي مقرر ڪري امتياز محسن کي اي ڊي سي ٽو جي خالي پيل جاءِ تي مقرر ڪيو ويو، حيبب الله کي اي ڊي سي ٽو سجاول مقرر ڪري اتان وجاهت علي کي هٽائي کيس رپورٽ جو حڪم ڏنو ويو، واجد حميد کي اي ڊي سي ٽو گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ هدف کان 30 سيڪڙو واڌو ٽيڪس گڏ ڪري ورتي

Read Next

غزه: امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ، 17 ڄڻا شهيد، 30 زخمي

Most Popular