غزه: امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فلسطينين تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ، 17 ڄڻا شهيد، 30 زخمي

غزه: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)غزه ۾ امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فلسطينين تي هڪ دفعو ٻيهر اسرائيلي فوج فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 17 فلسطيني شهيد ۽ 30 زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا موجب ديرالبلاح ۾ مغازي پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ٻئي طرف سان فرانسڪو ۾ فلسطين جي حمايت ۾ منفرد احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين پاڻ کي آمريڪي بحريه جهاز جي ڏاڪڻن سان ٻڌي ڇڏيو.

عرب ميڊيا موجب بحري جهاز اسرائيل کي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ غزه وڃي رهيو هو. احتجاج ڪندڙن 10 عورتن سميت 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل لبنان ۾ گڏيل قومن جي مشن گاڏي ڀرسان شيلنگ جي مذمت ڪئي آهي. اسرائيلي شيلنگ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جا 3 اهلڪار ۽ مقامي ترجمان به زخمي ٿيو هو.

Read Previous

سنڌ سرڪار پاران 50 کان وڌيڪ اسسٽنٽ ڪمشنر، اي ڊي سي ون ۽ اي ڊي سي ٽو تبديل

Read Next

اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

Most Popular