ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار آهن، اهي جنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن: ضياءُ لنجار

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار اعتراف ڪيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار آهن، اهي جنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن، ڌاڙيلن وٽ جنگي هٿيار ڪيئن پهتا؟

ڪنڌڪوٽ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ  سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته  ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن، ٻي صورت ۾ بچي نه سگهندا

هن چيو ته ڪراچي جي امن ۾ نگران حڪومت  دوران بگاڙ آيو، اسٽريٽ ڪرائيم ختم ڪرايو ويندو، ڪشمور ، شڪارپور ۽ گھوٽڪي ضلعن  ۾ ڏوھارين خلاف حڪمت عملي جوڙي  آهي

صوبائي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته  قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن  سان ڳالھايو آھي، جلد اجلاس  گھرائي  ٺاهه ڪرايو ويند

Read Previous

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ملتوي

Read Next

آصفه ڀٽو زرداري جي اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي چئلينج

Most Popular