عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو : پاڪستان ۾ پيٽرول ساڍا 4 ۽ ڊيزل 8 رپيا في ليٽر مهانگو

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو ٿيڻ باوجود  پاڪستان حڪومت پيٽرول ساڍا 4 رپيا ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس۾ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت تيل اگھن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي،  جنهن تحت پيٽرول جي اگھ ۾ 4 رپيا 53 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 14 پيسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي. اگھه وڌڻ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 289.41 رپيا في ليٽر مان وڌي 293 رپيا 94 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 282.24 في ليٽر مان وڌي 290 رپيا 38 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن  ايران ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ نه وڌڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ معمولي لاٿ ڏٺي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 81 سينٽ گهٽجڻ کانپوءِ 89.64 ڊالر في بيرل آهي. ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت 69 سينٽ گهٽجڻ کانپوءِ 84.97 ڊالر في بيرل جي سطح تي آهي. واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل جا اگهه آڪٽوبر 2023 کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويا هئا پر هاڻ اگهن ۾ لاٿ جو رجحان آهي.هوڏانهن آئل ٽينڪرز اونر ايسوسيئيشن اڄ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايسوسيئيشن موجب انتظاميا طرفان ماپ ۾ گهٽتائي خلاف اڄ کان سپلاءِ بند رهندي، پيٽروليم شين جي پهچ گلگت بلتستان، راولپنڊي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ معطل رهندي، جڏهن ته ملڪ جي سڀني هوائي اڏن کي به پيٽروليم شين جي فراهمي معطل رکي ويندي. ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته مطالبن جي منظوري تائين فراهمي معطل رکي ويندي، پي ايس او اختيارين ۽ ڊي سي اسلام آباد کي نوٽيس موڪليو پر ڪو جواب نه مليو. هنن چيو ته ميٽرائزڊ سسٽم تحت ڀرائي جي مطالبي کي پورو ڪيو وڃي، ضلعي انتظاميا ۽ اختيارين 20 فيبروري جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، هاڻ مطالبن جي مڃتا تائين علامتي احتجاج تحت سپلاءِ معطل رهندي.

Read Previous

شڪارپور ۾ زيرو پوائنٽ وٽ سوين ماڻهن جو مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

Read Next

پنوعاقل ۾ بدامني وڌي وئي، وڌيڪ هڪ ڳوٺاڻو اغوا

Most Popular