حيدرآباد: واٽر ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ ٻڌڻي، چيف سيڪريٽري پيش

حيدرآباد: (رپورٽر) واٽر ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ ۾ ٿي گذري، جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سھتو تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي سنڌ جو چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته صحت، ايريگيشن، واسا، بلديا ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر بہ عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي کان پوءِ عدالتي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري  سيد آصف حيدر شاهه چيو ته اڄوڪو ڪيس واٽر ڪميشن جي سفارشن جي حوالي سان ھيو،  اسان واٽر ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪري رھيا آھيون، ڪجھ ميڊيم ٽرم، ڪجھ لانگ ٽرم ۽ ڪجھ شارٽ ٽرم آھن، 60 سيڪڙو تائين سفارشن تي عمل تي عمل ٿي ويو آھي  فنڊن جي کوٽ سبب ڪجھ دير ٿي رھي آھي، عدالت جي حڪم تي عمل ٿي رھيو آھي.

سنڌ جي چيف سيڪريٽري چيو ته  اسان ھر ٽئين مھيني عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪنداسين  پوئين ٻڌڻي کان ھينئر تائين سنڌ ۾ ٽن ھفتن اندر بند پيل 138 آر او فعال بڻايا آھن، واٽر ڪميشن جون 60 سفارشون ھيون، ايريگيشن جون ڪجھ اسڪيمون اھڙيون آھن جن ۾ تمام گھڻا پئسا گھربل آھن ڪلائنٽ چينج سان تبديلي آئي آھي ان مطابق منصوبابندي ڪرڻ کپندي هن چيو ته غير معمولي برساتن ۾ ايڊوانس ملڪ به پريشان ٿيندا آھن ڪلائمٽ زون ۾ پاڪستان اھڙي جڳھ آھي جتي اثر وڌيڪ ھوندو آهي.

  • شيئر

Read Previous

اڳوڻي دفاع واري وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

Read Next

9 مئي سانحي جا ذميوار اڄ ملڪي مفاد تي حملا ڪري رهيا آهن: عطاءُالله تارڙ

Most Popular