9 مئي سانحي جا ذميوار اڄ ملڪي مفاد تي حملا ڪري رهيا آهن: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)  اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي واقعن جا ذميوار اڄ ملڪي مفاد تي حملو ڪري رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته ملڪ جي مفاد خلاف ڳالهيون ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن. پنهنجي سياسي مفاد ۽ انا کي ملڪي مفاد تي ترجيح ڏيڻ مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ عمل آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف پهريان ملڪي مفاد جي خلاف بيان ڏنو ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو اهو پي ٽي آءِ جو پراڻو طريقو آهي، هنن جو اڳواڻ ڪرپشن جا ڪيس ڀوڳي رهيو آهي. ملڪ ۾ سرمائيڪاري پاڪستان جي دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي. اهڙن عناصرن جي لاءِ هدايت جي دعا ڪريون ٿا.

عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته ڪاش هي ملڪ جي مفاد ۾ به ڳالهائي سگهن. سياسي مخالفت ۾ ملڪ دشمني نامناسب آهي. اوهان اسان تي تنقيد ڪريو پر پاڪستان تي تنقيد برداشت جوڳي نه آهي. اسان جا دوست ملڪ پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ۽ تعاون جي حمايت ۽ دوستي جو هٿ وڌائي رهيا آهن پاڪستان انشاءَالله ترقي ڪندو، دوست ملڪن سان رابطا وڌائينداسين.

Read Previous

حيدرآباد: واٽر ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ ٻڌڻي، چيف سيڪريٽري پيش

Read Next

خيبرپختونخواهه جي صحت واري وزارت برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

Most Popular