خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو

پشاور: (ڇنڇر: 20 اپريل 2024ع) خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ٻنهي صوبن ۾ مختلف حادثن سبب 61 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

صوبائي ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) طوفاني برساتن سبب خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ هينئر تائين 46 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 60 زخمي ٿي پيا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ 25 ٻار، 12 مرد ۽ 9 عورتون شامل آهن.

پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زخمين ۾ 11 عورتون، 33 مرد ۽ 16 ٻار شامل آهن. جڏهن ته گڏيل طور تي 2875 گهرن کي نقصان پهتو آهي ۽ 436 گهرن کي مڪمل، 2439 گهرن کي جزوي نقصان پهتو. چترال، دير، باجوڙ، سوات، باجوڙ سميت ٻين علائقن ۾ 309 چوپايو مال مري ويو جڏهن ته تيار ٿيل فصلن کي به نقصان پهتو آهي.

رپورٽ موجب فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن ۽ امدادي سرگرمين جي لاءِ 110 ملين روپيه جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته قبائلي ضلعن ۾ امدادي سرگرمين جي مد ۾ 90 ملين روپيه جاري ڪيا ويا آهن.

پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ تازين برساتن سبب ٿيندڙ نقصان بابت به رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب برساتن سبب آسماني کنوڻ ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب برساتن سبب فوتگيون سوربا، پشني، چمن، ڊيره بگٽي، لورالائي ۽ ڪيچ ۾ ٿيون. طوفاني برساتن سبب صوبي ۾ 220 گهرن کي نقصان پهتو، 160 گهرن کي جزوي نقصان ۽ 60 گهر مڪمل طور تي پٽ پئجي ويا.

پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب برساتن سبب 12 روڊ ۽ 2 پلين کي نقصان پهتو. صوبي جي متاثر ضلعن ۾  ضلعي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي جو رليف آپريشن جاري آهي.

Read Previous

مراد علي شاهه ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جي اوڳاڙي پوري نه ٿيڻ تي ڪاوڙيل

Read Next

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي وزيراعظم هائوس آمد، گارڊ آف آنر پيش

Most Popular