ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي وزيراعظم هائوس آمد، گارڊ آف آنر پيش

پاڪستان ياترا تي پهتل ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي وزيراعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آنر پيش

پاڪستان ياترا تي پهتل ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي وزيراعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آنر پيش، پي ايم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي

پاڪ فوج جي جٿي پاران مهمان صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر کي پنهنجي ڪابينا جو تعارف ڪرايو، ايراني صدر پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻين سان به مليو

 ايراني صدر ايوان صدر پهچي صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪندو، ايراني صدر ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو ته وفاقي وزير رياض پيرزاده ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي، ايراني صدر سان گڏ سندس گهر واري، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا وزير ۽ واپاري به موجود هئا

 پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ايراني صدر سان ملاقاتن دوران پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار، توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون وينديون

 سفارتي ذريعن موجب ايراني صدر لاهور ۽ ڪراچي جو دورو به ڪندو، مهمان صدر سڀاڻي ڪراچي پهچي مزار قائد تي حاضري ڀريندو، ڪمشنر ڪراچي پاران سڀاڻي ڪراچي ۾ موڪل جي اعلان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

Read Previous

خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو

Read Next

ايراني صدر ڪراچي پهچي ويو، گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير آجيان ڪئي

Most Popular