ايراني صدر جو دورو: ڪراچي ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: (اڱارو: 23 اپريل 2024ع) ايراني صدر ابراهيم رئيسي لاهور کان ڪراچي ويندو، پرڏيهي مهمان جي دوري کي نظر ۾ رکندي موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ جو امڪان آهي.

نجي ٽي وي موجب ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا  آهن.

شهر جي سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند ٿيڻ جو امڪان آهي. پر ان جي باري ۾ اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي.

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ڪراچي پهچڻ تي موقعي تي اڄ ڪراچي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي  ۽ اهم روڊن کي بند ڪيو ويو آهي.

Read Previous

غزه جي معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي واکاڻ ڪيون ٿا: ابراهيم رئيسي

Read Next

عمران خان هلندڙ مهيني جي آخر تائين جيل کان ٻاهر اچي ويندو: اسد قيصر

Most Popular