ٽانڪ مان اغوا ٿيل سيشن جج شاڪر الله بازياب

خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ مان اغوا ٿيل سيشن جج شاڪر الله کي بازياب ڪرايو ويو

پوليس موجب سيشن جج شاڪر الله کي ڊي آءِ خان مان بازياب ڪرائي

باحفاظت گهر پهچايو ويو، سيشن جج کي 2 ڏينهن اڳ هٿياربندن اغوا ڪيو هو

 خيبرپختونخوا جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف تصديق ڪندي چيو آهي ته سيشن جج شاڪر الله کي گذريل رات دير سان بازياب ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس گهر منتقل ڪيو ويو

 صوبائي حڪومت ۽ فورسز  گڏجي دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري رهيون آهن، امن امان جي بحالي صوبائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي

 ان کان اڳ جاري ڪيل وڊيو ۾ جج شاڪر الله مروت جو چوڻ هو ته طالبان مون کي ڊي آءِ خان ٽانڪ روڊ تان هڪ جهنگ ۾ وٺي آيا آهن،  اغوا ڪندڙن جا ڪجهه مطالبا آهن

وڊيو ۾ سيشن جج شاڪر الله جو چوڻ هو ته مان هاڻي ٺيڪ آهيان پر جيستائين سندن مطالبا پورا نه ٿيندا، تيستائين منهنجي بازيابي ممڪن ناهي

Read Previous

خانپور ويجھو 12ورھين جو نينگر مبينا طور ڀنگ نه ملڻ تي گوليون هڻي قتل

Read Next

اسٽاڪ ايڪسچينج 73 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪري تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

Most Popular