وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي مان پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي مان پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وڏي وزير گڏاپ جي علائقي گلشن اڪاخيل ۾ تعمير ٿيل نئين ڊسپينسري ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا

 صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري، هيلٿ سيڪريٽري، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ ٻين ادارن جي نمائندن جي به تقريب ۾ شرڪت

 وڏي وزير چيو ته سنڌ جي 24 ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم شروع ڪئي وئي آهي، اڄ کان 3 مئي تائين جاري رهندڙ مهم دوران 80 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، وڏي وزير ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ بعد کين تحفا به ڏنا

 وڏي وزير چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم کي مڪمل محفوظ بڻائڻ لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار اسان سان گڏ آهن، افسوس جي ڳالهه آهي ته سموري سنڌ مان 11 هنڌن تان ماحولياتي سيمپلز جون ٽيسٽس مثبت آيون آهن

هن چيو ته ماحولياتي سيمپلز جون ٽيسٽس پازيٽو اچڻ سان وائرس جي وڌندڙ گردش بابت خدشا پيدا ٿيا آهن، سمورن والدين ۽ خاندان جي هر فرد کي اپيل آهي ته ٻارن کي معذوري کان بچائڻ لاءِ مهم ۾ ساٿ ڏين، وڏي وزير گلشن اڪاخيل گڏاپ ۾ تعمير ٿيل نئين ڊسپينسري جو افتتاح به ڪيو

Read Previous

ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا

Read Next

تنگواڻي ۽ روهڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 نوجوان قتل

Most Popular