تنگواڻي ۽ روهڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 نوجوان قتل

تنگواڻي/ روهڙي (نمائندن وٽان) تنگواڻي ٿاڻي ڀرسان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، تنگواڻي ٿاڻي ڀرسان هٿياربند گوليون  هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

اسد مارڪيٽ وٽ موٽرسائيڪل  سوار هٿياربند نوجوان کي  گوليون هڻي فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي  واري هنڌ پهچي نوجوان جو  لاش کڻائي اسپتال آندو

ٻئي پاسي روهڙي جي دبر ٿاڻي جي حد ۾ ٽريڪٽر ٽرالي مزدورن کان ڦر، مزاحمت تي هڪ ڄڻو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو

غلام بند ريلوي ڦاٽڪ وٽ ھٿياربندن 5  مزدورن کان ڦر ڪئي، فائرنگ ۾ شاهنواز  چوهاڻ زخمي ٿي پيو، اسپتال نيئندي دم ڏنو

اطلاع ملڻ تي چوھاڻ برادري جي ماڻهن واقعي واري هنڌ پھچي نوجوان جو لاش  کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو

Read Previous

وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي مان پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Read Next

اي ايس پي شهربانو شادي ڪري ڇڏي، تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل

Most Popular