ڇهه لک کان وڌيڪ ٽيڪس ڊفالٽرن جي نشاندهي ٿي وئي، فون سم بلاڪ ڪيا ويندا

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 6 لک 6 هزار 671 ٽيڪس ڊفالٽرن جي نشاندهي ڪئي آهي

ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي موبائيل فونن تي پابندي لڳائڻ جو انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي

ايف بي آر 66 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي آهي جن جا موبائل فون بلاڪ ڪيا ويا آهن

ايف بي آر موجب 56 هزار کان وڌيڪ آمدني وارا ماڻهو انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ جي قابل آهن پر اهي ماڻهو انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪري رهيا آهن

ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو ايف بي آر ايڪٽو ٽيڪس پريل لسٽ ۾ شامل ناهن، انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙن جا موبائل فون ڪنيڪشن ڪنهن به وقت بند ڪري سگهجن ٿا

Read Previous

پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا سستو: وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف کان 1.1 ارب ڊالرز ملي ويا

Most Popular