پاڪستان ۾ ايل پي جي جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي

اسلام آباد: (اربع: 29 مئي2024ع) پاڪستان ۾ ايل پي جي جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز چيئرمين عرفان کوکر موجب ملڪ ۾ ايل پي جي جي قيمت 250 رپين مان گهٽجي 180 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايل پي جي قيمت ۾ 60 کان 70 رپيا في ڪلو گهٽتائي ٿي آهي.

ٻئي پاسي آئل اينڊ گئس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اوگرا چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ايل پي جي جي سيڙپڪاري ۾ کوڙ سارا موقعا موجود آهن ۽ ايندڙ پنجن سالن دوران ملڪ ۾ ايل پي جي جو استعمال واڌ جو امڪان آهي.

Read Previous

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

Read Next

وفاقي حڪومت گم ٿيل شاعر احمد فرهاد جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

Most Popular