وفاقي حڪومت گم ٿيل شاعر احمد فرهاد جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (اربع: 29 مئي2024ع) وفاقي سرڪار 15 ڏينهن کانپوءِ اسلام آباد مان گم ٿيل شاعر ۽ صحافي احمد فرهاد جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ احمد فرهاد جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي.

ان سلسلي ۾ احمد فرهاد جي گهرواري طرفان ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان اٽارني جنرل پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته احمد فرهاد گرفتار ۽ آزاد ڪشمير پوليس جي حراست ۾ آهي.

اٽارني جنرل آزاد ڪشمير جي ڌير ڪورٽ ٿاڻي جي رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪيو.

ياد رهي ته شاعر احمد فرهاد 15 ڏينهن اڳ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد مان گم ٿي ويو هو جنهن جي بازيابي لاءِ سندس گهرواري عروج زينب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ايل پي جي جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي

Read Next

پاڪستان آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون

Most Popular