ڪراچي ۾ ڦر جي ڪيس مان ايس ايس پي عمران قريشي، ڊي ايس پي طارق بجاري بري

ڪراچي: (اربع: 29 مئي2024ع) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غربي پير آباد ڦر جي ڪيس ۾ جوابدارن ايس ايس پي عمران قريشي، ڊي ايس پي طارق بجاري سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غربي جي عدالت پير آباد ۾ ڦر جي ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت جوابدارن جي بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي طارق عمير بجاري سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران ڪيس جي مدعي جوابدارن جي سڃاڻپ  کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بيان ڏنو ته جيڪو واقعو ٿيو انهي ۾ اهي ماڻهو شامل نه هئا،  ڪيس جي مدعي جي بريت جي درخواست تي نوآبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو ويو.

وڪيل صفائي عامر منسوب قريشي موقف ڏنو ته ڪيس جو مدعي ۽ ٻيا لکت ۾ ڪيس نه هلائڻ جو چئي چڪا آهن. استغاثه ڪنهن جوابدار جي خلاف ثبوت به پيش نه ڪري سگهيا پوليس موجب جوابدارن جي خلاف پير آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جوابدارن تي شهري شاڪرالله جي گهر مان ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڦر ڪرڻ جو الزام هو.

Read Previous

سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد جي شير افضل مروت سان دبئي ۾ ملاقات

Read Next

ميٽرڪ بورڊ ڪراچي 28 مئي تي ملتوي ٿيل پرچي جي نئين تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular