انتظامي لاپرواهي! واهي پانڌيءَ ڀرسان معصوم ٻارڙيءَ کي رولو ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو

واهي پانڌي (رپورٽر) انتظامي لاپرواهي! واهي پانڌيءَ ڀرسان معصوم ٻارڙي کي رولو ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو، واهي پانڌي لڳ ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي ماهين ڌيءُ  لطف برهماڻي رولو جي ڪتن ڏاڙهڻ سبب فوت ٿي وئي

ٻڌايو پيو وڃي ته ٻارڙي گهر ٻاهران راند کيڏي لاءِ نڪري وئي هئي، جتي رولو ڪتن جي ٻارڙي کي ڏاڙهڻ سبب فوت ٿي وئي، معصوم ٻارڙي کي ڪتن ڏاڙهي ماس پٽي ڇڏيو

ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد وارثن پهچي لاش کڻائي اسپتال آندو، اسپتال جي ڊاڪٽر موجب ٻارڙي جو چهرو بچيل آهي، باقي سندس هڏين تان ماس پٽيل هيو، جسم جي مختلف حصن تي چڪن جا نشان هئا

ٻارڙي جي وارثن ۽ علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود  يوسي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين ڪتا مار مهم نه هلائي جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي

Read Previous

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان کٽيل ميچ هارائي ويو

Read Next

سنڌ حڪومت هڪ ڪروڙ رپين جو امدادي چيڪ شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

Most Popular