سنڌ حڪومت هڪ ڪروڙ رپين جو امدادي چيڪ شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت اعلانيل هڪ ڪروڙ رپين جو امدادي چيڪ ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

 سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب پهچي هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ شهيد صحافيءَ جي وارثن حوالي ڪيو

 شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ جيڪو به ملوث نڪتو، نه ڇڏينداسين

پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ولي بابر سميت ٻين ساٿين جا قاتل به پيپلز پارٽي جي حڪومت گرفتار ڪيا، عزيز ميمڻ جي قاتلن کي به گرفتار ڪيو ويو، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو

 شرجيل ميمڻ چيو ته ماضي ۾ پ پ ميڊيا ٽرائل جو شڪار بڻي، اميج خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پ پ اڄ به آزاد صحافت سان گڏ بيٺل آهي، پ پ ڪڏهن به اهڙا قانون ناهن آندا جيڪي آزاد صحافت خلاف هجن

Read Previous

انتظامي لاپرواهي! واهي پانڌيءَ ڀرسان معصوم ٻارڙيءَ کي رولو ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو

Read Next

لڪي مروت ۾ شهيد فوجي جوانن جي جنازي نماز ادا، فوجي اعزاز سان تدفين

Most Popular