ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ ۾ پروقار تقريب ، ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي مڃتا ايوارڊ ڪتاب ۽ سنڌي ثقافتي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا

ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھ کي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين سيد محمد منير شاه ذاڪري پاران سندس سماجي ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض مڃتا شيلڊ ڏيڻ جي هڪ مختصر ۽ پروقار تقريب رکي وئي، ان موقعي تي ڪمشنر سيد محسن علي شاھ چيو ته سيد محمد منير شاه پنهنجي چئن سالن جي چيئرميني دؤر ۾ سڪرنڊ شهر جي ترقياتي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو جڏهن ته ٽائون جي بهترين بلڊنگ ٺاهڻ جو به ڪريڊيٽ به سيد محمد منير شاه ڏانهن وڃي پيو، سندس ادب لاء به خدمتون ساراه جوڳيون آھن، هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب ٻين ملڪ جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ نقصان گهٽ ٿيو آھي پر ڪورونا مڪمل ختم ناهي ٿيو اسان کي اڃان به احتياط جي ضرورت آھي، ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي چيئرمين ۽ دانشور سيد محمد منير شاه چيو ته ڪمشنر سيد محسن علي شاه ادب سان گهڻو ويجهو رهيا آھن ۽ سندس ڪتاب پڙهڻ سان وڏو لڳاء آھي پاڻ سماجي ۽ تعليمي ڪمن سان گڏ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاء پاڻ پتوڙي رهيو آھي، اسان جو مقصد به ساڳيو آھي، هن چيو ته سنڌ ڌرتي جي رهواسين هميشہ محبت جو درس ڏنو آھي اسان جي درگاهن جو پيغام امن محبت ڀائيچاري ۽ انسانيت جو پيغام آھي دهشت گردي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، اسان جي ڌرتي تي نفرت جو ٻج ڇٽيل ئي ناهي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي وائيس چيئرمين نور احمد لاکو، مختيارڪار محمد وسيم لاشاري ۽ ٻين سياسي سماجي ماڻهن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته تاريخدان ۽ شاعر ماڻڪ ملاح سندس ڇپيل ڪتاب ”سڪرنڊ تاريخ جي روشني ۾“ ڪمشنر سيد محسن علي شاه کي تحفي ۾ ڏنو۔

Read Previous

سکر جي عدالت ۾ پرڻي لاءِ پهتل پنجاب واسڻ ناري کي وارثن پاران زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش

Read Next

گذريل ٻن سالن دوران حڪومتي قرض ۾ پنجيتاليهه سيڪڙو واڌ

Most Popular