گذريل ٻن سالن دوران حڪومتي قرض ۾ پنجيتاليهه سيڪڙو واڌ

اسلام آباد ناڻي واري وزارت نئين دستاويز جاري ڪئي آهي جنهن موجب گذريل 2 سالن ۾ حڪومتي قرض ۾ 45 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. رپورٽ موجب ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نئين دستاويز موجب 2 سالن ۾ حڪومتي قرض جي ڊي پي جي 87 سيڪڙو جي برابر ٿي ويا آهن جڏهن ته قرض ۾ واڌ جو وڏو سبب مالي خسارو پورو ڪرڻ جي لاءِ ورتل قرض آهي. ٻئي طرف قانون موجب حڪومتي قرض جي ڊي پي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جي حڪومت دوران حڪومتي قرض جي ڊي پي جو تقريبن 73 سيڪڙو هو.

Read Previous

ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ ۾ پروقار تقريب ، ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي مڃتا ايوارڊ ڪتاب ۽ سنڌي ثقافتي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا

Read Next

ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ پاڻي ۾ ڦاٿل شهرين کي ڪڍڻ لاءِ ٻيڙيون هلائڻيون پئجي ويون

Most Popular