پئسا ناهن پر جيڪڏهن هجن ها ته به سنڌ حڪومت کي نه ڏيون ها:شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اسان وٽ پئسا ناهن پر جيڪڏهن هجن ها ته به 10 ارب ڊالر سنڌ حڪومت کي نه ڏيون ها.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته عمران خان پاڪستان جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ غريبن کي غربت جي ليڪي مان ڪڍڻو آهي، وزيراعظم جا سمورا قدم اشرافيا بدران غريبن لاءِ آهن، ان کي اسان نئون پاڪستان چئون ٿا.شبلي فراز اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اي پي سي ٿي ته رڳو علامتي هوندي، ڇو ته انهن ۾ ڪا طاقت ناهي، انهن جي پاڻ ئي ٻڌي ناهي ۽ هڪٻئي خلاف بدنيتي رکن ٿا.

Read Previous

دبئي ۽ ابو ظهبي جي ڌماڪن سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي

Read Next

اڳوڻو ڀارتي صدر پرناب مکرجي پڻ ڪورونا سبب فوت

Most Popular