نوشهروفيروز: مٺياڻي ڀرسان سنڌو درياهه تي گهمڻ لاءِ آيل 3 ڀينرون ٻڏي فوت

نوشهروفيروز :  مٺياڻي ويجهو سنڌو درياءَ ۾ گهمڻ لاءِ آيل 2 عورتن ۽ 10 ساله ٻارڙي سميت 3 ڀينرون ٻڏي ويون. جڏهن ته مقامي ماڻهن جو ريسڪيو جو عمل جاري آهي.نوشهروفيروز پوليس موجب مٺياڻي ويجهو سنڌو درياءَ تي هڪ فيملي گهمڻ لاءِ  آئي هئي جتي پير ترڪڻ سبب درياءَ ۾ ٽي ڀينرون ٻڏي ويون. جنهن مان هڪ نينگري جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڳوٺ مراد ڪوريجو واسي غلام مصطفيٰ ڀٽو جون 3 ڌيئرون 18 ورهين جي عقيلا ڀٽو، 19 ورهين جي شازيه ڀٽو ۽ 10 ورهين جي  تسليم ڀٽو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ سنڌو درياءَ تي  گهمڻ لاءِ آيون هيون. جتي پير ترڪڻ سبب ٽئي ڀينرون ٻڏي فوت ٿي ويون. ٻڏي ويلن جي وارثن موجب عقيلا ۽ شازيه جي شادي ٿيل هئي ۽  شازيه کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي. عقيلا ۽ شازيه ڀٽو جا لاش نه ملي سگهيا آهن.

Read Previous

پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس: نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

Read Next

چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي عاصم سليم باجوا پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

Most Popular