پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس: نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پرڏيهي وزارت کي لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ذريعي نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳي  جوڳا گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور جي احتساب عدالت جي جج اسد علي نوازشريف سميت ٻين جي خلاف غيرقانوني پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. ماڊل ٽائون ٿاڻي جي انسپيڪٽر بشير احمد نوازشريف جي گرفتاري واري وارنٽن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف ماڊل ٽائون رهائشگاهه تي موجود نه آهي جڏهن ته مسلم ليگ(ن) جي ڊپٽي سيڪريٽري عطا تارڙ نوازشريف جي پرڏيهه هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوازشريف جي رائيونڊ رهائشگاهه تي ان جي سيڪريٽري چيو آهي ته نوازشريف ڇهن مهينن کان پرڏيهه ۾ آهي. احتساب عدالت  مير شڪيل جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي نوازشريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

Read Previous

حڪومت ۽ فوج ۾ مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

Read Next

نوشهروفيروز: مٺياڻي ڀرسان سنڌو درياهه تي گهمڻ لاءِ آيل 3 ڀينرون ٻڏي فوت

Most Popular