ڪانگو ۾ سون جي کاڻ ويهڻ سبب پنجاهه مزدور دٻجي فوت

ڪانگو: آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ سون جي کاڻ ويهڻ سبب 50 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي هڪ اين جي او جي حوالي سان  ٻڌايو ته ڪانگو جي اوڀرين علائقي ڪميٽنگا ۾  تيز برساتن سبب سون جي کاڻ ويهي رهي.  رپورٽ موجب جنهن وقت سون جي کاڻ ويهڻ جو حادثو پيش آيو ته  مزدورن جو وڏو انگ کاڻ ۾ اندر موجود هو جيڪي ٻاهر نه نڪري سگهيا. مقامي اين جي او موجب حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 مزدور فوت ٿيڻ جون خبرون مليون آهن.  مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب سون جي کاڻ ويهڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي لاشن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي.  ياد رهي ته ڪانگو ۾ کاڻون ويهڻ جا حادثا ٿيندا رهندا آهن. جڏهن ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ به هڪ سون جي کان ويهڻ سبب 16 مزدور فوت ٿيا هئا.  جڏهن ته جون 2019 ۾ به ڪاپر ۽ ڪوبائٽ جي کاڻ ويهڻ سبب 43 مزدور حياتيون وڃائي ويٺا هئا.

Read Previous

لنڪا پريميئر ليگ: رانديگرن جي نيلامي پهرين آڪٽوبر تي ٿيندي، شاهد آفريدي به شامل

Read Next

ڪيناڊا ۾ مسجد جو نگران شهيد ٿي ويو، جاچ شروع

Most Popular