ڪيناڊا ۾ مسجد جو نگران شهيد ٿي ويو، جاچ شروع

ٽورنٽو: ڪينيڊيا جي راڄڌاني شهر ٽورنٽو جي هڪ مسجد جي نگران کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. ٽورنٽو پوليس موجب مسجد جي نگران تي ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن ول نماز کانپوءِ مسجد مان ٻاهر نڪري رهيو هو، حملي آور واردات کانپوءِ فرار ٿي ويو. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل مسلم آرگنائيزيشن آف ٽورنٽو جي اندر ۽ ٻاهر شاهديون گڏ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف انٽرنيشنل مسلم آرگنائيزيشن مسجد کان ٿيل قاتلاڻي حملي تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسلم ڪميونٽي جا ماڻهو ان حملي جي حوالي سان گمان پيدا ڪندڙ ڳالهين کان پاسو ڪن ڇو ته معاملي جي جاچ اڃان جاري آهي.

Read Previous

ڪانگو ۾ سون جي کاڻ ويهڻ سبب پنجاهه مزدور دٻجي فوت

Read Next

ملڪ جي حالتن کان پريشان منيب بٽ پنهنجي ڌيءَ جي مستقبل لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

Most Popular