ملڪ جي حالتن کان پريشان منيب بٽ پنهنجي ڌيءَ جي مستقبل لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اداڪار منيب بٽ ملڪ جي حالتن کان پريشان ٿي پنهنجي ڌيءَ  امل جي مستقبل ۽ ان جي حفاظت جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.  ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور موٽر وي تي عورت سان پيش ايندڙ اجتماعي زيادتي جي خوفناڪ واقعي ۽ ان  کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ 5 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي کان پوءِ ان کي ساڙي قتل ڪرڻ جي سانحي سميت ڪيترن ئي معصوم ٻارن، ٻارڙين ۽ عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي جي واقعن پوري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ ٻارن ۽ عورتن سان هڪ ٻئي  پٺيان زيادتي جي واقعن تي عوام جو صبر جواب ڏئي ويو آهي. شوبز سان تعلق رکندڙ ماڻهو به هن ظلم تي لاڳيتو آواز اٿاري رهيا آهن.  ڪجهه اهڙن ئي خيالن جو اظهار اداڪار منيب  بٽ پنهنجي معصوم ڌيءَ امل جي لاءِ به ڪيو.  هن ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته روز صبح جو اٿي پنهنجي ڌيءَ کي ڏسندو آهيان. محٻت سان، اطمينان سان، پر هاڻ ان ۾ خوف به شامل ٿي ويو آهي سوچيان ٿو ته ڇا هي خوف هميشه ئي رهندو. هن پنهنجي پوسٽ جي ذريعي حڪمرانن ۽ قانون جي محافظن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي ملڪ عورتن ۽ ٻارڙن جي لاءِ محفوط بنايو وڃي ۽ زيادتي جي ڏوهارين کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪوبه پيءُ پنهنجي ٻار جي لاءِ اهڙي طرح خوفزده نه ٿئي.

Read Previous

ڪيناڊا ۾ مسجد جو نگران شهيد ٿي ويو، جاچ شروع

Read Next

ميرا جي اسٽيج ڊرامي دوران نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ

Most Popular