مھر فرينڊ ويلفيئر ايسوسئيشن وفد جي سردار علي گوھر مھر سان ملاقات

گلشن اقبال مھر فرينڊ ويلفيئر ايسوسئيشن ڪراچي جي وفد جي سردار علي گوھر  مھر سان ڪراچي ۾ سندس رھائش گاھ تي ملاقات ڪئي ملاقات ۾ فورم جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڪراچي ۾ درپيش مسئلن ۽ فلاحي عمل جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ان موقعي تي وفد سان ڳالھائيندي سردار علي گوهر مهر فورم جي ڪارڪردگي تي خوشي جو اظھار ڪندي چيو ته برادري جي ماڻھن سان گڏ ٻين ماڻھن جي فلاح بهبود لاء به فورم ڪم ڪندو هن چيو ته فورم جو مقصد محدود ناهي ان فورم جي پليٽ فارم تان پنهنجي ذات سان گڏوگڏ ٻين ذاتين جي ماڻھن جي فلاح لاء به ڪم ڪرڻ گهرجي مطلب انسانيت جي خدمت کي به يقيني بڻايو وڃي ھن چيو ته ڪراچي کي سياسي توڙي سماجي ڪمن جو مرڪز بڻايو وڃي سندس چوڻ ھو ته برادريون قومن جي سڃاڻپ ھونديون آھن ان ڪري اسان کي پنھنجون برادريون مضبوط ڪرڻيون پونديون ان موقعي تي فورم جو چيئرمين غلام اصغر مھر ۔ نواب جان مھر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

Read Previous

پ پ اڳواڻ مير بابر خان لنڊ ڏھرڪي ۽ مختلف اسڪولن جا دورا ڪيا

Read Next

قلندر جي نگري ۾ ڪورونا ٻيهر تيزي سان ڦهلجڻ لڳ ٻن ڏينهن اندر 36 نوان ڪيس ظاهر

Most Popular