قلندر جي نگري ۾ ڪورونا ٻيهر تيزي سان ڦهلجڻ لڳ ٻن ڏينهن اندر 36 نوان ڪيس ظاهر

سيوهڻ : سيوهڻ سنڌ جي وڏي وزير جي تڪ ايشياء جي عظيم صوفي بزرگ حضرت قلندر شهباز جي نگري ۾ ڪرونا وباء ٻيهر تيزي سان ڦهلجڻ لڳي 2 ڏينهن اندر 36 نوان ڪيس ظاهر سيد عبدالله شاھ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۾ 92 شڪي ماڻهن جون ڪرونا ٽيسٽون ورتيون ويون جن مان 19ماڻهن جون ٽيسٽون پازيٽو اچي ويون.متاثر مريضن مان وڏو تعداد مختلف اسڪولن جي استادن جي آھي جن جو تعلق سيوهڻ سان آھي .وڌيڪ  ڊاريڪٽر سيد عبدالله شاھ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ٻڌايو ته  ڪرونا وباء ختم نه ٿي هئي .ماڻهن ٽيسٽون ڪرائڻ ۽ احتيات ڪرڻ  بند ڪيو ان ڪري ڪيس وڌن پيا ماڻهون احتيات ڪن ها ته اهيا نوبت نه اچي ها ٻئي طرف سيد عبدالله شاھ  ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي ڊاريڪٽر معين الدين صديقي چيو ته ڪرونا وائرس جي وباء ختم نه ٿي هئي صرف وري گهٽجي پر لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ کان پوء  ماڻهن ڪرونا جون ٽيسٽون ڪرائڻ ۽ احتياطي تدابيرن تي عمل ڪرڻ ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيس ٻيهر وڌڻ شروع ٿي ويا آھن اسان پهرين به چيو ته جنهن کي هڪ ڀيرو ڪروناٿي ان کي ٻيهر به ٿي سگهي ٿو اسان هڪ ڀيرو ٻيهر  ماڻهن کي چونداسين ڪرونا کان بچاء جو واحد آھي صرف احتياط آھي ٻيو ڀيرو تيزي سان ڪيس وڌڻ به ان جو ئي سبب آھي ته ماڻهن ڪرونا جون ٽيسٽون ڪرائڻ بند ڪيون

Read Previous

مھر فرينڊ ويلفيئر ايسوسئيشن وفد جي سردار علي گوھر مھر سان ملاقات

Read Next

اليڪشن ڪميشن جو وفاقي حڪومت کي آدم شماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪرڻ جو حڪم

Most Popular