ڪوٽڙيءَ جي ٽن پروفيسرن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ ڪري علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج کي سيل ڪيو ويو

ڪوٽڙي ( رپورٽر : محمد اظهر رند ) جي گورنمينٽ علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج  اسٽاف جا ڪرونا ٽيسٽ چاليهه ڄڻن جا ڪيا ويا ، جنهن ۾ پروفيسر ۽ ملازم شامل هئا ،  ڪرونا ٽيسٽ ۾ ٽن پروفيسرن  جا پازيٽو رزلٽ آيا . جنهن جي ڪري سرڪاري ايس او پي حڪم تحت ڪاليج کي بند ڪيو ويو آهي . صبح سان آيل شاگردين کي پڻ واپس گهرين ڏانهن اماڻيو ويو . رپورٽ موجب ڊگري ڪاليج جي پرنسپال عبدالماجد عمراني سان رابطي ڪرڻ تي هن ٻڌايو تي حڪومتيءِ اعلانيل موجب 15 سيپٽمبر تي تعليمي سرگرميون جي شروعات هڪ اهم خوش آئندا عمل هو ، پر اسان جي اسٽاف ۾ ٽن استادن ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ ڪري تدريسيءَ عمل عارضي طور بند ڪيو ويو آهي .پر جلد ئي تعليمي سرگرمين عمل جي شروعات ڪئي ويندي .

Read Previous

سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارن ۾ ڪورنا ٽيسٽون ڪرائڻ جو فيصلو

Read Next

ٺري ميرواه مير سردار چاڪر خان دستي منظور دستي جي ڀائٽي مرحوم سجاد حسين دستي جي تعزيت لاءِ ڏاتو دستي پهچي ويو

Most Popular