سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارن ۾ ڪورنا ٽيسٽون ڪرائڻ جو فيصلو

ڀٽ شاهه (رپورٽ (حڪومت سنڌ پاران ڇهن مهينن کان پوءِ تدريسي عمل شروع ڪرڻ بعد صحت کاتي مٽياري پاران ضلعي ۾ موجود تعليم کاتي جي ملازمن جون ٽيسٽون ڪرائڻ واري عمل تحت هالا، نيوسعيدآباد ۽ مٽياري بوائز ۽ گرلز ڪاليجن ۾ موجود اسٽاف جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرڻ واري عمل تي مٽياري ڪاليج جي جملي اسٽاف جي ڪرونا ٽيسٽ نگيٽو اچڻ ۽ هالا گرلز ڪاليج جي اسٽاف جي ڪرونا ٽيسٽ دوران ٻن ليڊي پروفيسر سلطانه ميربحر، مجني ميمڻ، سينيئر هيڊ ڪلارڪ فريد احمد ابڙو، ڪلارڪ حسين بخش سولنگي جڏهن ته نيوسعيدآباد جي بوائز ٽيڪنيڪل ڪاليج جي چئن عملدارن جن ۾ پرنسيپال محمد بخش ڪيريو، ڪلارڪ غلام قادر ڪيريو، محمد شوال حاجاڻو، پٽيوالو نواب حاجاڻو جن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد هالا جي گرلز ۽ سعيدآباد جي بوائز ڪاليج کي ضلعي انتظاميا پاران عارضي طور تي تالا لڳائي ڪاليجن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، ڪاليج بند هجڻ سبب ڪاليج ايندڙ شاگرد واپس پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا.

Read Previous

ڀٽ شاهه: شاعرن جي سرتاج بادشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تقريب موجهاري جو شڪار

Read Next

ڪوٽڙيءَ جي ٽن پروفيسرن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ ڪري علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج کي سيل ڪيو ويو

Most Popular