اسرائيل سان معاهدي کان پوءِ امارات ۽ بحرين کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا: ايران

تهران :  ايران جي صدر حسن روحاني خبردار ڪيو آهي ته متحده عرب امارات ۽ بحرين کي اسرائيل سان معاهدو ڪرڻ کان پوءِ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ جيڪڏهن خطي ۾ امن  تباهه ٿيو ته ان جي ذميواري به ٻنهي مسلمان ملڪن مٿان لاڳو ٿيندي.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ اسرائيل سان متحده عرب امارات ۽ بحرين امن معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن تي ايران جي صدر حسن روحاني ٻنهي مسلمان ملڪن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي. صدر حسن روحاني نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته ڪجهه اسلامي ملڪن جا شهري ته فلسطينين سان گڏ بيٺل آهن پر ان جا حڪمران نه ته مذهب کي اهميت ڏئي رهيا آهن ۽ نه ئي وري پنهنجي هم مذهب ۽ هم زبان فلسطينين جي رشتي جو تقدس رکيو آهي.  ايراني صدر وڌيڪ چيو ته اسرائيل روزاني فلسطينين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي اهڙي صورتحال ۾ ڪوبه ماڻهو اهڙي ظالم ملڪ سان هٿ نٿو ملائي سگهي جيڪڏهن خطي جي صورتحال خراب ٿي ته ان جي ذميواري بحرين ۽ امارات مٿان هوندي.

Read Previous

انگريزن جي غلامي واري ذهن ۽ سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

Read Next

پاڪستاني اداڪاره ميرا مٿان ڌوڪي سان گهر پنهنجي نالي ڪرائڻ جو ڪيس داخل

Most Popular