پاڪستاني اداڪاره ميرا مٿان ڌوڪي سان گهر پنهنجي نالي ڪرائڻ جو ڪيس داخل

لاهور:  اسڪينڊل جي راڻي ميرا جو هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي. رپورٽ موجب تسليم ڪوثر نالي عورت الزام لڳايو آهي ته اداڪاره ميرا مون کي ڌوڪو ڏنو آهي    هن منهنجو هڪ ڪئنال جو گهر پنهنجي نالي ڪرائي ورتو آهي. سول ڪورٽ ۾ اداڪاره ميرا جي گهر جي دعويدار عورت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سول جج عدنان علي تسليم ڪوثر نالي عورت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عورت پنهنجي موقف ۾ چيو ته عتيق الرحمان مون کي گهر جي سموري رقم ادا  ڪئي ميرا ڌوڪي سان 1 ڪئنال جو گهر پنهنجي نالي ڪرايو. منهنجو پنهنجو گهر وڪرو ڪرڻ چاهيو ٿي.   عورت عدالت کان استدعا ڪندي چيو آهي ته عدالت اداڪاره ميرا کي گهر وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ۽ قانون موجب گهر جا ڪاغذ عتيق الرحمان جي نالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي جنهن کان پوءِ عدالت وڪيلن کي حتمي بحث جي لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

اسرائيل سان معاهدي کان پوءِ امارات ۽ بحرين کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا: ايران

Read Next

ميڊونا پنهنجي زندگي تي پاڻ ئي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular