سيوھڻ ۾ پيئڻ جي صاف جي کوٽ فلٽر پلانٽ جي بند ھئڻ خلاف ايس يو پي پاران ريلي،احتجاج

سيوھڻ: وڏي وزير جي تڪ سيوھڻ ۾ گذريل 15 ڏينھنن کان پيئڻ جي صاف جي کوٽ ۽ فلٽر پلانٽ جي بندش خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران تعلقه آفيس کان پريس ڪلب تائين تعلقه صدر اصغر علي سولنگي،محمد نواز رند،آزاد منصور چنو جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ ھيلٿ کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪئي .ان موقعي تي دانھيندي اڳواڻن چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جي انجنيئر ساجن مل جي نااھلي ڪري وڏي وزير جي شھر جا رھواسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھن ،ھنن چيو ته شھر جي ڪيترن ئي محلن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽر جو مليل آھي جنھن ڪري شھرين ۾ چمڙي پيٽ جون بيماريون پيدا ٿيون آھن ،اڳواڻن دانھيندي وڌيڪ چيو ته سيوھڻ جو واحد فلٽر پلانٽ  جتان شھري پاڻ ڀريندا ھئا اھو فلٽر به 12 ڏينھن کان خراب پيل آھي جنھن شھري پيئڻ لاء پاڻي خريد ڪري رھيا آھن .ھنن لزام ھڻندي چيو انجنيئر پبلڪ ھيلٿ ڄامشورو ساجن مل پنھنجي آفيس ۾ ٻن ڪلارڪن سومر جتوئي ،اڪرم رند سان ملي ڪري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري رھيو آھي جنھنڪري ھن جي ڪن تي جوء به نٿي چري.ھنن نيب جي اعلي اختيارين کان گھر ڪئي ته نااھل انجنيئر پبلڪ ھيلٿ خلاف جانچ ڪري شھرين کي صاف پاڻي فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

جيئي سنڌ محاذ ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء پاران سنڌ  جي وسيلن ۽ شھرن وارثي لاءِ ريلي جو اعلان

Read Next

ندا ياسر مروه جي فيملي کي شو ۾ گهرائڻ تي معافي وٺي ڇڏي

Most Popular