فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن ناممڪن آهي:روس

ماسڪو: روس فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ بغير وچ اوڀر ۾ امن کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو. روسي پرڏيهي وزير پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن جي سوچ غلطي هوندي. روسي پرڏيهي وزير پاران اهڙو بيان اسرائيل، متحده عرب امارات ۽ بحرين جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي واري معاهدي کانپوءِ آيو آهي. پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته اهو سوچڻ غلط هوندو ته فلسيطين مسئلي جو حل ڳولڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ مستقل امن ٿي ويندو، روس علائقائي ۽ عالمي طاقتن تي فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڏنو.

Read Previous

اسرائيل سان معاهدي لاءِ وڌيڪ پنج ملڪن جو سنجيدگيءَ سان غور

Read Next

پي ايس ايل جو انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس پارٽنر سان معاهدو ختم

Most Popular