پي ايس ايل جو انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس پارٽنر سان معاهدو ختم

لاهور:پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) معاهدي جي سنگين خلاف ورزي تي پاڪستان سپر ليگ 2020 جي انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس پارٽنر سان معاهدو ختم ڪري ڇڏيو. پي سي بي پاڪستان سپر ليگ( پي سي ايل) جي 2019 کان 2021 تائين ميڊيا رائيٽس ٽيڪ فرنٽ انٽرنيشنل ايف ايڊ اي کي ڏنا هئا پر بقايائن جي ادائيگي سميت ٻين معاملن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪرڻ تي هاڻ اهڙو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي. پي ايس ايل جي پراجيڪٽ ايگزيڪيوٽو شعيب نويد چيو آهي ته پي سي بي هڪ پيشواراڻو ادارو آهي جيڪو شفافيت سان ڪم ڪري ٿو، ڪيترائي ڀيرا ياد ڪرائڻ باجود پارٽنر پنهنجون ذميدارين ۽ معاهدن ۾ پاسداري ڪرڻ ۾ ناڪام ويو جنهن سبب پي سي بي وٽ معاهدو ختم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو. پي ايس ايل معاهدي کي هن وقت ختم ڪرڻ ان ڪري به ضروري آهي ڇو ته پي ايس ايل جي ايندڙ ايونٽ لاءِ ضروري آهي ان ڪري ته پي ايس ايل جي ايندڙ پارٽرنر کي ڳولڻ لاءِ هان مناسب وقت ملي ويو آهي. 

Read Previous

فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن ناممڪن آهي:روس

Read Next

لڳاتار تيرنهن ون ڊي سيريز فتح جو انگلش سلسلو بيهي ويو

Most Popular