سنڌ ۾ سيڪنڊري ڪلاسز نه کولڻ جو فيصلو

ڪراچي  : سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس ڪيسن ۾ واڌ جي ڪري ڇهين کان اٺين درجي تائين تدريسي عمل بحال ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته لاڪ ڊائون کان پوءِ سڀ کان ڏکيو فيصلو اسڪولن کي کولڻ جو هو پر اسڪول کولڻ کان پوءِ مون شهر جي مختلف اسڪولن ۾ ايس او پيز جو جائزو ورتو، ڪجهه پرائيويٽ اسڪولن ۾ ايس او پيز جا بهترين بندوبست ڪيا ويا جڏهن ته ڪجهه اسڪولن ۾ ايس او پيز تي پابندي نه ڪئي وئي. سعيد غني چيو ته سڀاڻي جڏهن اسڪولن ۾ ٻين ڪلاسن جي ٻارن جي تدريس جو عمل شروع ٿيندو ته صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ان ڪري 21 تاريخ کان سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ جو فيصلو 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن صورتحال اِها ئي رهي ته اسڪولز کولڻ وارو فيصلو اڃان ملتوي ڪنداسين. سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ اسڪول کولڻ واري معاملي تي نظرثاني ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت پنهنجي ٻارن تي صحت تي سمجهوتو نه ڪندي جڏهن ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته سمورن استادن کي چيو ويو ته پنهنجون ٽيسٽون ڪرائن، خانگي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن جي استادن جون مفت ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.

Read Previous

جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير تي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اهو ته اسان چونداسين: منير اڪرم

Read Next

مالي سال 2018ع جي دوران ٽيڪس ڪليڪشن ۾ ڪنهن ڪيترو ٽيڪس ڏنو

Most Popular