کهڙا ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضي ڀٽو جي سالگرہ تقريب

کھڙا : کهڙا ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضي ڀٽو جي 66 هين سالگرہ جي موقعي تي تقريب منعقد، سالگرہ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو پ پ عوامي پارٽي ناهي رهي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اڳواڻ، خبر موجب :کهڙا ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضي ڀٽو جي 66 هين سالگرہ جي موقعي تي پريس ڪلب کهڙا ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ شهيد مير مرتضي ڀٽو جي 66 هين سالگرہ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو تقريب کي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن غلام شبیر اڄڻ ڪامريڊ مٺل لاشاري ،علي نواز ڄامڙو ،يار محمد جوڻيجو نائب شر ذڪريا عباسي ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ پ عوامي پارٽي ناهي رهي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي جنهنڪري پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي عنقريب ملڪ جو وزيراعظم ذوالفقار جونئر هوندو.

Read Previous

ڪنڌ ڪوٽ: شهر ۾ بدامني سبب شهري پريشان، چورين روز جو ڪم

Read Next

نئون ديرو ۾ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي چوويهين ورسي، ڌار ڌار تقريبون،هزارين ماڻهن جي شرڪت

Most Popular