نئون ديرو ۾ شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي چوويهين ورسي، ڌار ڌار تقريبون،هزارين ماڻهن جي شرڪت

نئون ديرو:  قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بهادر پڳدار پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 24 هين ورسي تقريب پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو طرفان نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڌار – ڌار تقريبون ملهايون پيون وڃن، ڪورونا وائرس سبب پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جي خصوصي هدايتن تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسيءَ جون تقريبون ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ سادگيءَ سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن ڪري ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ رٿيل مک جلسي واري تقريب ملتوي ڪئي وئي. اڄ ورسيءَ واري ڏينهن پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جي هدايتن تي سندس طرفان پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر غلام حيدر ناريجو جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي اڳواڻ سليم چنه، وريام چنه، غلام نبي ڪولاچي، اختر ميراڻي، نثار ميراڻي سميت پارٽي ورڪرن ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي هارين سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي جنهن دوران ڪارڪنن جذباتي انداز ۾ نعريبازي ڪندي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام حيدر ناريجو، وريام چنه، سليم چنه ۽ ٻين چيو ته پارٽي قيادت جي حڪم تحت اڄ اسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سادگيءَ سان ورسي جي موقعي تي حاضري ڀرڻ پهتا آهيون ۽ پارٽي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جي طرفان مزار تي گلن جي چادر چاڙهي آهي. هن چيو ته غنويٰ ڀٽو پنهنجي امڙ جي لاڏاڻي سبب ملڪ کان ٻاهر لبنان ويل آهي ۽ ان جي حڪم تي ڪرونا وائرس کي نظر ۾ رکندي پارٽي قيادت پاران فيصلو ڪيو ويو ته 24 هين ورسي جون تقريبون ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ سادگيءَ سان ملهايون وينديون.  هنن چيو ته اسان شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو عوام جي حقن خاطر وڙهندي پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ اسان ان جي نظريي کي غنويٰ ڀٽو جي قيادت ۾ کڻي اڳتي وڌي رهيا آهيون. هوڏانهن نئون ديرو هائوس تي قرآن خوانيءَ جي ڌار تقريب رٿي وئي جنهن ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، عمران جتوئي، مهراڻ خان ناريجو، الله ڏنو ڀٽو، نثار ڀٽو، منير سوهو، خير محمد شيخ، دليپ ڪمار، انور لهر، توفيق ڀٽو، هاري ڪاميٽي سنڌ جو صدر محمد پنهل لهر، يوٿ ونگ اڳواڻ خالد ڪريم مڱريو، منصور سومرو ۽ ٻيا شامل هئا، قرآن خوانيءَ بعد اجتماعي دعا گهري لنگر تقسيم ڪيو ويو جنهن بعد ڪارڪنن جو قافلو ڳڙهي خدابخش ڀٽو لاءِ روانو ٿي ويو جتي شهيد مير مرتضٰ ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪري گل رکيا ويا.  هوڏانهن ورسيءَ جي موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو جي هڪ گروپ طرفان ڪراچيءَ کان علي احمد پليپوٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ”ڪاروان مرتضيٰ“ قافلو ڪڍيو ويو جيڪو ٺٽو، سجاول، نوشهرو فيرو، دادو، نوابشاهه، ڪي اين شاهه کان ٿيندو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو جڏهن ته عنايت عمراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ خيرپور، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، قمبر شهدادڪوٽ کان ڪارڪنن جو وڏو قافلو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو، ان کان علاوه پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان سميت سنڌ جي مختلف علائقن کان هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪنن جا قافلا ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتا جتي هنن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري خراج عقيدت پيش ڪيو جنهن بعد مزار جي سامهون قائم ڪيل پنڊال ۾ ايندڙ ڪارڪنن ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ علي احمد پليپوٽو، عنايت عمراڻي، ميان ابرار، فوزيه بتول، يونس ڀان، ڪامريڊ علي محمد جمالي، سيد اسلم شاهه، احمد حسين گجر، دلمراد جتوئي، عيدن جتوئي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ۽ جذباتي انداز ۾ نعريبازي ڪري شهيد مير مرتضيٰ کي خراج عقيدت پيش ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عنايت عمراڻي چيو ته 20 سيپٽمبر اسان جي عظيم قائد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن آهي ۽ جن سازشي قوتن ڪراچيءَ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ ان کي ساٿين سميت شهيد ڪيو، هن چيو ته اڄ اسان جي مرڪزي قيادت ڪرونا جو بهانو بڻائي ورسي تقريب کي ڪينسل ڪيو آهي اسان سمجهون ٿا ته 24 سال اڳ شهيد مير مرتضيٰ کي شهيد ڪيو ويو ۽ اڄ ان جي ورسي نه ملهائي ان جي نظريي کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.

Read Previous

کهڙا ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضي ڀٽو جي سالگرہ تقريب

Read Next

مخالف ڌر جي اي پي سي آل پاڪستان ڦرلٽ ڪميٽي ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو ڪٺ آهي: شهباز گل

Most Popular