سيوهڻ ۾ رند برادري جي ماڻهن پاران بااثرن جي ظلمن ۽ ڌمڪين خلاف احتجاج

سيوهڻ: سيوهڻ  يوسي باجاره جي ڳوٺ چنگهاڻي جي غريب مسڪين ماڻهن دوست محمد رند .خادم حسين رند .عطر رند ۽ انور رند پريس ڪلب سيوهڻ اڳيان بااثر جوابدارن پاران ڏنل موتمار ڌمڪين ذيادتين ۽ ايس او جهانگاره خلاف احتجاجي مظاهر ڪندي الزام لڳائيندي چيو ته  جوابدار مندو رند منور رند.نظير رند اسان جي زمين تي قبضو ڪري اسان تي حملو ڪري عطر جي ٻانهن ڀڃي ۽ خادم حسين جي موٽر سائيڪل  کسي ورتي ان جو ڪيس اسان جهانگاره ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ چاهي  ايس ايڇ او جانگاره  جوابدارن کان وڏي رشوت وٺي اسان کان ڪيس نٿو وٺي ايس ايڇ او جوابدارن جو ڌر بڻيل آھي جوابدار اسان کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين  اسان ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ٿا ڪيون ته ايس ايڇ او کي هٽائي بااثر جوابدارن کي  گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

ڪاشف سيلرو مٿان ريلوي ۽ ڪينٽ پوليس پاران تشدد خلاف ڪورنگي ۾ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

Read Next

جهول ۾37 ھندوخاندانن جي مردن عورتن ٻارڙن کي ڪلمون پڙھائي مسلمان ڪيو ويو

Most Popular