جوڻيجا برادري جي ماڻهن جو بااثر خلاف شهدادڪوٽ پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي احتجاج

شھدادڪوٽ: شهدادڪوٽ ۾ جوڻيجا برادري جي ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي شهدادڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي علي جان جوڻيجو، عبدالغني، حاڪم علي، اصغر علي جوڻيجو صحافين آڏو داهيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ 10 ورهين جو نينگر احمد جوڻيجو اغوا ٿي ويو هيوجنهن کي بااثر ماڻهون بخشل جوڻيجو اغوا ڪرايو هيو جنهن جي پوليس پڻ انڪوائري ڪرائي بخشل جوڻيجو جو نمبر ثابت ڪيو هيو هاڻ هو بااثر اسان مٿان ڪوڙا الزام مڙهي اسان کي ڦاسائي رهيو آهي ۽ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهنڪري اسان کي هن مان جان جو خطرو آهي اسان ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان گهر ٿا ڪريون ته بااثر بخشل جوڻيجو کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

چوٽياريون پوليس جي ڪاروائي چرس سميت جوابدار گرفتار

Read Next

ميهڙ ۾ يوسي مگسي جي ڳوٺ ڇتو شيخ جي رهواسين جو علائقي جي بااثر خلاف احتجاج

Most Popular