وفاق پاران جيڪا ڪراچي ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي ان جو ڪو به فائدو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي:مراد علي شاهه

ميرپور ماٿيلو: وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، خانڳڙھ ۾ لکي بنگلي تي چيف سردار محمد بخش خان مهر، ڳڙهي چاڪر ۾  چيف سردار رحيم بخش بوزدار وٽ دعوت تي پهتو، ان موقعي تي چيف سردار رحيم بخش خان بوزدار پنهنجي برداري دوستن سميت پ پ پ ۾ شموليت جو باقائدگي سان اعلان ڪيو ان موقعي تي بوزدار برادري جي چيف سردار رحيم بخش خان بوزدار ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جا چيف سردار محمد بخش خان مهر، مير بابر خان لنڊ، ڄام اڪرام ڌاريجو سميت مختلف پ پ پ اڳواڻن سان پراڻا واسطا رهيا آهن، ان ڪري مان اڄ کان پ پ پ ۾ باقائدگي سان اعلان ڪيان ٿو، جيڪي به بوزدار برادري آهي اها پ پ پ ۾ شموليت ڪري ٿي، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق پاران جيڪا ڪراچي ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي ان جو ڪو به فائدو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، اميد آهي ته اها ڪاميٽي سنڌ جي معاملن تي توجه ڏيندي، وفاقي حڪومت ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا ۽ نه ئي ڪي فنڊ جاري ڪيا آهن، ۽ ضلعي گهوٽڪي ۾ به ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا،  اهو سمورو سال اسان جي لاءِ امتحان ۾ گذريو آهي، ڪرونا وائرس هئي، وري برساتن جو سلسلو هيو ۽ الله پاڪ رحم ڪري، هن وڌيڪ چيو ته  پ پ پ عوامي پارٽي آهي، پ پ پ ۾ جيڪو به شامل ٿيندو ان کي ويلڪم ڪيون ٿا، چيف سردار رحيم بخش خان بوزدار اسان جو پراڻو ساٿي آهي، سندس کي پ پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي خوش آمديد چئون ٿا.. هوڏانهن نثار کهوڙو، صوبائي وزير ناصر شاھ، صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي، صلاح الدين لغاري، چيف سردار محمد بخش خان مهر، ڄام اڪرام ڌاريجو، مهتاب ڏهر ۽ ٻيا ڪيترائي صوبائي وزير ۽ پ پ پ جا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.. سنڌ جي وڏي وزير جي خانڳڙھ آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ، جڏهن ته هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن توڙي گاڏين جي سخت چيڪنگ ڪئي وئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ جي پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي ضلعي صدر مير بابر خان لُنڊ جي ڀاءُ رضوان خان لُنڊ جي وفات تي سندس چيف سردار فياض خان لُنڊ، مير بابر خان لُنڊ، مير اسد علي خان لُنڊ ۽ ٻين سان تعزيت پُڻ ڪئي، هوڏانهن پ پ پ ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سندس جي ڪنهن فرزندن مان ڪو به ماڻهو ڳوٺ صاحب خان لنڊ نه پهتو… بوزدار ڀائرن مان مير چاڪر خان بوزدار ۽ ٻيا وزير اعلي سنڌ جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪندا، ٻي پاسي مير چاڪر خان بوزدار رابطي ڪرڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان ۽ منهنجا دوست انهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا سون، ڇو ته اسان چيف سردار علي گوهر خان مهر سان گڏ آهيون.ضلعي گھوٽڪي جي ملٽي نيشنل ڪمپنيز جي بدمعاشي ڪارڻ پ پ پ ايم اين اي سردار خالد احمد خان لُنڊ طرفان چيئرمين شپ تان دستبردار ٿيئڻ جو فيصلو، ضلعي گھوٽڪي ۾ قائم ملٽي نيشنل ڪمپنيز وٽ لوڪل ماڻھن لاءِ ھڪ فيصد بہ رليف ناھين. لوڪل عوام کان وڌيڪ امپورٽيڊ نااھل ماڻھن کي اھميت ڏيندا آھن. وڏي ڏک ۽ ستم ظريفي جي ڳالھ اھا آھي جو پيش امام، پئٽرول فلر، مالھي توڙي چوڪيدار بہ لوڪل ماڻھوءَ انھن جي نظر ۾ اھل ناھين

Read Previous

سنڌ ۾ پ ٽ الف جي 146 يونٽن تي غير حتمي نتيجن موجب 76 يونٽن تي بنا مقابلي اميدوار ڪامياب

Read Next

ڪشمور گڊو مين روڊ تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ھڪ ڄڻو فوت ٻه ڄڻا زخمي

Most Popular