سنڌ ۾ پ ٽ الف جي 146 يونٽن تي غير حتمي نتيجن موجب 76 يونٽن تي بنا مقابلي اميدوار ڪامياب

لاڙڪاڻو:  سموري سنڌ ۾ پ ٽ الف جي 146 يونٽن تي ٿيندڙ چونڊن ۾ غير حتمي نتيجن موجب 76 يونٽن تي بنا مقابلي اميدوار ڪامياب ٿيا، باقي 70 يونٽن تي 11 آڪٽوبر آچر تي اليڪشن ٿيندي، غير حتمي نتيجن موجب ڪراچي ڊويزن ۾ 11، حيدرآباد ڊويزن ۾ 25، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 16، سکر ڊويزن ۾ 10، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 8 ۽ نوابشاهه ڊويزن ۾ 6 يونٽن تي پ ٽ الف جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار، وائيس چيئرمين شاهد حسين محمدي، سيڪريٽري مير غلام نبي ٽالپر، ميمبرن غلام عباس مگسي، احمد پرهياڙ  ٻڌايو اسانجي ڀرپور ڪوشش آهي ته هيءُ چونڊون  بهتر صاف، شفاف، منصفاڻيون، غير جانبدار ٿين،  ڇاڪاڻ ته استادن ۾ هڪ وڏي عرصي کان مايوسي ڇانيل رهي آهي، هن وقت پوري سنڌ جي اندر جمهوري انداز ۾ اليڪشن ٿيڻ جي ڪري استادن ۾ بيحد خوشيءَ جي لهر ڇانيل آهي ۽ پ ٽ الف جي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين عبدالخالق ڀنگوار ٻڌايو ته 146 تي اليڪشن ٿي رهي آهي، جنهن ۾ غير حتمي نتيجن موجب 76 يونٽن تي بنا مقابلي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، باقي اليڪشن 70 يونٽن تي 11 آڪٽوبر تي اليڪشن ٿيندي، ڪراچيءَ جي 17 يونٽن مان غير حتمي نتيجن مطابق ڪراچي ڊويزن ۾ يارهن يونٽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن ۽  باقي ڇهن يونٽ تي 11 آڪٽوبر تي اليڪشن ٿيندي، اهڙي طرح حيدرآباد جي 42 يونٽن مان غير حتمي نتيجن مطابق 25 يونٽ بنا مقابلي ٿيا آهن ۽ باقي 17 تي چونڊون ٿينديون، ائين ئي ميرپورخاص ڊويزن ۾ 21 يونٽ آهن جن مان غير حتمي نتيجن موجب 16 يونٽ بنا مقابلي ٿيا آهن باقي پنجن تي چونڊون ٿينديون، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 26 يونٽ آهن جن مان غير حتمي نتيجن موجب 8 يونٽ بنا مقابلي ٿيا آهن باقي 18 يونٽن تي اليڪشن ٿيندي، ساڳئي طرح سکر ڊويزن ۾ 21 يونٽ آهن جن ۾ غير حتمي نتيجن موجب 10 يونٽ بنا مقابلي ٿيا آهن باقي 11 يونٽن تي اليڪشن ٿي رهي آهي، هوڏانهن  پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو جو چوڻ آهي ته اسان جا 5 ضلعا مڪمل طور تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن جن ۾ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر، سانگهڙ ضلعا شامل آهن، جڏهن ته ڄامشورو، سجاول ۽ ٻين ڪيترن ضلعن ۾اڌ کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي چڪي آهي،اهڙي طرح اسان کي 90 ووٽ ملي چڪا آهن جڏهن ته مخالف گروپ وارن کي 47 ووٽ مليا آهن.واضع رهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ انتهائي صاف، شفاف، غير جانبدار ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ هرهڪ استاد کي ووٽ ڪرڻ جو جمهوري حق فراهم ڪيو ويو آهي ۽ هروڀرو جي اعتراضن جي ڀرمار کان هيءَ اليڪشن آجي محسوس ٿي رهي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل 6 سالن کان وڌيڪ عرصي دوران چونڊون نه ٿيڻ سبب استادن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي هئي ۽ هاڻي 11 آڪٽوبر تي اليڪشن جي ٿيڻ ڪري عام استاد وڏي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 5 نوجوانن جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

Read Next

وفاق پاران جيڪا ڪراچي ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي ان جو ڪو به فائدو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي:مراد علي شاهه

Most Popular