پ پ پ جي باني ميمبر عبدالعزيز ڇٽو جو وڇوڙو

عبدالمجيد بروھي پاڪستان ۾ سياست کي عبادت سمجھندڙ اڄڪلھ آڱرين جيترا سياستدان دنيا ۾ وڃي رھيا آھن انھن مان بـ ھڪ انمول بيباڪ سچو عوامي سياستدان پ پ پ جو سابقا انفارميشن سيڪريٽري  ضلع لاڙڪاڻو سابقا ايڊمنسٽريٽر شھيدراڻي بينظير ڀٽو ڀٽو ازم جو پيروڪار جيالو چاچا عبدالعزيز ڇٽو اڄ ھميشا لاء اسان کان אڳ ڇڙي ويو آھي عبدالعزيز ڇٽو انھن عظيم اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي شھيد ڀٽي جي خاندان سان ڏکي وقت ۾ ساٿ ڏنائون ايم آر دي تحريڪ ۾ ڪوڙا لڳڻ جيل ڀوڳڻ باوجود مخالف کيس ڀٽي جي فلسفي تي پري نـ سگھيا ھيا ضياء جي آمريت بعد نواز ليگ جي حڪومت ۾ بـ سندس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا سندس کي ايترو تـ تنگ ڪيو ويو جو شھيد راڻي پقڻ کيس چيو تـ عزيز اوھان ڪجھ ڏينھن لاء پاڪستان ڇڏي ٻاھر وڃو چاچا عبدالعزيز ڇٽو شھيد راڻي کي چيو تـ منھنجي ڀيڻ مان اوھان سان مرڻ گھڙيء تائينء ساٿ ڏيندو رھندس پر ھن ڏکي وقت ۾ اوھان کي ڇڏي ٻاھر نـ ويندس جنھن بعد جڏنھن شھيد راڻي کي ان وقت جبري طور تي جلاوطن ڪيو ويو

ـ ان بعد چاچاعبداعزيز ڇٽو بـ سندس جي پويان سعودي عرب ھليو ويو جتي زندگي جا ڪيترائي سال جلاوطني ۾ گذاريائين سعودي عرب ۾ رھندي ھن ڀٽي شھيد جي پارٽي کي سعودي عرب ۾ بـ مضبوط ڪيائين چاچا عبدالعزيز ڇٽو اھو ماڻھون آھي جنھن تي محترمان سڀني کان وڌيڪ اعتماد ڪندي ھئي چاچا عزيز جڏنھن شھيد راڻي جي جلاوطني بعد شھيد راڻي المرتضا ھائوس ڪراچي ۾ رھڻ آئي ھئي تـ ان وقت چاچا عبدالعزيز بغير ڪنھن کي ٻڌائڻ جي شھيد راڻي جي ٻچڙن جن ۾ بلاول ڀٽو بختاور ڀٽو آصفا ۽ فاطما ڀٽو جيڪي ان وقت ٻار ھئا انھن کي المرتضا ھائوس مان ٻاھر ڪڍي کين گڏھ گاڏي تي ويھاري شھر لاڙڪاڻي جو سير ڪرايو ھيو ان ڳالھ جي خبر جڏنھن محترما کي پئي ھئي جنھن پڇا ڳاڇا ڪئي ھئي تـ ٻار نظر نٿا اچن ڪٿي آھن تـ ان وقت گھر جي ملازمن ۽ ٻين پ پ پ جي اڳواڻن کيس چيو ھيو تـ ٻار شھر گھمڻ ويا آھن گڏھ گاڏي تي ان بعد محترما ڪجھ ڪاوڙجي پئي ھئي تـ اھي ڪنھن سان ڪنھن چي اجازت سان ويا آھن جنھن بعد کيس چيو ويو تـ عبدالعزيز ڇٽي سان ويل آھن جنھن بعد شھيد راڻي مسڪرائي چيو ھيو تـ ٺيڪ آھي چاچا عبدالعزيز ھر روز شھيد راڻي جي ٻچڙن کي پاڻ پنھنجن ھٿن سان ماني کارائيندو ھيو اڄ بلاول ڀٽو بختاور ڀٽو آصفا ڀٽو جوان آھن پنھنجو برو ڀلو ڄآڻين ٿا اڄ انھن کي اھڙن سچن جيالن جو قدر ڪرڻ گھرجي پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي چاچا عبدالعزيز ڇٽي جي وارثن سان تعزيت لاء اچڻ گھرجي جنھن سان ٻين سچن جيالن جن پنھنجي پوري حياتي پارٽي لاء وقف آھي انھن کي پڻ حوصلو ملندو مان يقين سان چوان ٿو اگر شھيد راڻي اڄ زندا ھجي ھا تـ ھوء پنھنجي ڀاء چاچا عبدالعزيز ڇٽي جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاء ضرور اچي ھا چاچا عبدالعزيز ڇٽي انيڪ عوامي ڪم ڪيا آھن

جن بابت اگر لکڻ تي ويھندس تـ ٻـ ٽي ڏينھن لڳي ويندا پر ان جا عوامي ڪم پورا لکي نـ سگھندس صرف نصيرآباد شھر وارھ شھر جي ڳالھ ڪندو ھلان تـ جڏنھن شھيد راڻي پاران کيس وارھ سٽي جو ايڊمنسٽريٽر بڻايو ھيو تـ  ان وقت وارھ شھر جا سمورا روڊ رستا تباھ حال ھيا وارھ ۾ واٽرسپلاء جو نظام پڻ تباھ ھيو وارھ شھر ۾ ان وقت برسات جي سميت گھرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪو بـ پلان جڙيل نـ ھيون نالين جو نالو نشان نـ ھيو سي سي بلاڪ بـ ڪنھن محلي ۾ ٺھيل نـ ھيا جن سڀني کي سڌو ڪرڻ شھر جي مين روڊ سميت پوري وارھ جي محلن ۾ سي سي بلاڪ کان ويندي نالين جو ڪم پڻ ھن عظيم جيالي ڪرايا جنھن پوري شھر کي صاف سٿرو ڪرڻ لاء پلان جوڙي ٽيم مقرر ڪري انھن کي پابند ڪيائين تـ اھي شھر جي ھر گلي محلي ۾ وڃي اھو ڏسن تـ ڪٿي ڪم ٿيل نـ ھجي۔  تـ کيس فورن ٻڌايو وڃي جنھن بعد شھر جي صفائي سٿرائي جو پاڻ نگراني ڪندو رھيو وارھ شھر کي ھن جي دور ايڊمينسٽريٽري ۾ مثالي شھر سڏيو ويندو ھيو چاچا عبدالعزيز ڇٽي جي ڪوششن سان ھيتم سوھو سميت ڇٽا ڳوٺن ۾ سوئي گئس جي سھولت مليل آھي انھن ڳوٺن کي ان کان علاوا ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار سان پڻ لڳرايائين  نصيرآباد شھر اندر نادرا سينٽر جو قيام پڻ چاچا عبدالعزيد ڇٽي ڪرايو ڪيترن ئي سالن کي وارھ تعلقي ۽ نصيرآباد تعلقي واسي ان سھولت کان محروم بڻيل ھيا جنھن کي ڏسي ڪري چاچا عبدالعزيز ڇٽي پنھنجي وس آھر ڪوشش ڪري اسلام آباد پڻ وڃي نادرا سينٽر شھر نصيرآباد لاء منظور ڪرايائين جيڪو سينٽر اڄ نصيرآباد ۾ ڪم ڪري رھيو آھي

جتي نـ صرف نصيرآباد تعلقي ۽ وارھ تعلقي جا ماڻھون پر لاڙڪاڻي ضلع قمبر ضلعي دادو ضلعي جا ماڻھون پڻ پھچي ان سھولت مان فائدو وٺي رھيا آھن ان کان علاوا نصيرآباد باء پاس کي جڏنھن انڊس ھاء مان نيشنل ھاء وي تي منتقل ڪيوـويو ۽ روڊ کي موٽروي طرز تي ٺاھيوـويو تـ ان بعد ان روڊ سان ٽرئفڪ پڻ وڌي وئي ڊبل روڊ ھجڻ سبب ون ويلنگ وارا پڻ وڌي ويا ھيا جنھن سبب ان توڊ سان تيز رفتاري سبب ۽ ون ويلنگ سبب رڳڊ حادثا ٿيڻ روز جوـمعمول بڻيل ھيو جنھن تي وڻ چاچا عبدالعزيز تيزي سان تحرڪ وٺي نيشنل ھاء وي جي اعلا عملدارن سان ڳالھائي نصيرآباد باء پاس  جي مختلف جڳھن کان موٽر وي طرز جا اسپيڊ بريڪر لڳرايائين جنھن بعد نصيرآباد باء تي روڊ ايڪسيڊنٽس ۾ ڪافي حد تائين گھٽتائي ٿي آھي چاچا عبدلعزيز ڇٽي وارھ شھر واسين جي گئس پريشر سبب ڏکيائن کي ڏسي انھن جي مشڪلاتن کي ڏسي پنھنجي مدد پاڻ تحت پنھنجي سياسي دوستن کان مدد وٺي وارھ شھر لاء الڳ سوئي گئس منظور ڪرائي آھي جنھن جو ڪم پڻ شروع ٿيڻ وارو ھيو پر چاچا سان زندگي وفا نـ ڪئي اڄ اھو عظيم انسان عوامي اڳواڻ سماجي اڳواڻ پنھنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو آھي ان عظيم اڳواڻ کي پ پ پ سان جنون جي حد تائين محبت ھئي پ پ پ جي ان عظيم اڳواڻ جي وارثن سان پ پ پ قيادت کي ڏک ونڊڻ جي لاء ضرور اچڻ گھرجي جتي بلاول ڀٽو ايم اين ايز ايم پي ايز سميت مرڪزي اڳواڻن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاء پھچي ٿو اتي اڃ پ پ پ چيئرمين کي ھن سچي جيالي جي تڏي تي پڻ اچڻ گھرجي پارٽي جا اصل اثاثا جيالا آھن جاگيردار مير پير امير سڀ اسان جي اکين تي پر پارٽي قيادت کي پارٽي جي اصل وارثن سان پڻ ڏک جي گھڙي ۾ ساٿ ڏيڻ گھرجي 

Read Previous

مسلمان زائرين لاءِ خوشخبري: سعودي عرب عمرو مرحليوار بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

اي پي سي تنقيد ۽ تعريف ليڪن اثرات ضرور ڪرندا..!

Most Popular