مسلمان زائرين لاءِ خوشخبري: سعودي عرب عمرو مرحليوار بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض: سعودي عرب جي حج  ۽ عمري واري وزير محمد صالح بن طاهر مسلمانن کي خوشخبري ڏيندي چيو آهي ته  عمري جي مرحليوار بحالي جلد شروع ٿي ويندي جنهن جي لاءِ لائحه عمل طئي ڪيو ويو آهي.  سعودي خبرون  ڏيندڙ اداري العربيه موجب حج ۽ عمرو صحت جي اصولن سان پابندي ۽ ڪورونا احتياطن سان عمري جي سفر واري بحالي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ جلد عمري جي سروس جي شروعات ٿي ويندي. عمري جي سعادت ماڻيندڙ خواهشمندن کي سعودي عرب پهچڻ تي ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ پيش ڪرڻي پوندي. زائرين جي اسڪريننگ ڪئي  ويندي ۽ معمولي نشانين تي به ٻيهر ڪورونا ٽيست ڪيو ويندو.  سعودي عرب گذريل هفتي پهرين  مرحلي ۾ عرب ملڪن ۽ غير سعودي ماڻهن جي لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ عمري جي بحالي تي به غور ڪيو پيو وڃي جنهن جي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي سان ڪم ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان حج ۽ عمري واري وزارت هڪ ايپ جاري ڪندي جنهن جي ذريعي عمري جا خواهشمند ماڻهو پنهنجي آساني کي نظر ۾ رکندي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ تاريخ ۽ وقت جو خيال رکندا.  عمره پروگرام ۾ 30 کان وڌيڪ سعودي ۽ عالمي ڪمپنين کي ڪم جو موقعو ڏنو  ويندو. واضح رهي ته سعودي عرب ۾ ڪورونا وبا سبب 26 فيبروري تي عمري ۽ مسجد نبوي جي زيارت لاءِ سعودي عرب اڄڻ تي ٻئي حڪم اچڻ تائين عارضي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي ۽ هلندڙ سال حج به سعودي ۾ رهندڙ صرف ڪجهه هزار  پرڏيهين پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندي ادا ڪيو هو.

Read Previous

نئين سال ۾ اوهان ڪهڙيون نيون ۽ دلچسپ ايموجيز استعمال ڪري سگهندا

Read Next

پ پ پ جي باني ميمبر عبدالعزيز ڇٽو جو وڇوڙو

Most Popular