خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر احمد علي قريشي آبادگارن جو نوٽيس

خيرپور : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي پاران ميڊيا تي ڦٽين جي قيمتن ۾ ڪٽوتي ۽ ڪاٽن فيڪٽري مالڪن خلاف آبادگارن پاران هلندڙن شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعي جي آبادگارن ۽ ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن سان هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. اجلاس ۾ اي ڊي سي ون ضمير احمد جاگيراڻي، زراعت کاتي خيرپور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر مشتاق احمد سومرو، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڪاٽن فيڪٽرين جي سمورن مالڪن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته سمورا ڪاٽن فيڪٽري مالڪ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽا قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائن ۽ جيڪي تور ۽ ماپ  صحيح نٿا ڪن ۽ ان مان غير قانوني ڪٽوتي ڪري رهيا آهن انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتائي قبول نه ڪئي ويندي. ڊي سي خيرپور وڌيڪ چيو ته فيڪٽرين ٻاهريان روزانو جي بنياد تي ڦٽين جا ريٽ لڳايا وڃن ته جيئن آبادگارن کي ان ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي. ڊي سي خيرپور چيو ته آبادگارن پاران مارڪيٽ ۾ ٻه نمبر ٻج ۽ زرعي دوائون فروخت ٿيڻ جي حوالي سان پڻ شڪايتون موصول ٿي رهيون آهن ان جي لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت کي پڻ مارڪيٽن اندر دورا ڪري ٻه نمبر وڪرو ٿيندڙ زرعي دوائون، ٻج ۽ ڀاڻ ختم ڪرايو وڃي ڀلي ڪير ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي ان خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي جعلي ٻج ۽ دوائون وڪرو ڪندڙن کي هرگز بخش نه ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو ته آبادگارن کي هرحال ۾ جائز حق ڏيارو ويندو ان حوالي سان ڪنهن سان به نا انصافي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ماپ ۽ تور سميت شڪايتن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن لاءِ آبادگارن جي شڪايتن ٻڌو ويندو ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري شڪايتن جي حل لاءِ واٽس ايپ گروپ پڻ ٺاهيو ويندو ته جيئن ڪنهن به قسم جي شڪايت جو وقت سر ازالو ٿي سگھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران آبادگارن ۽ ڪاٽن فيڪٽري مالڪن کان پڻ بريفنگ ورتي ۽ انهن جا جائزا مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي.

Read Previous

لاڙڪاڻي : کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

Read Next

فنڊن جي کوٽ سبب قومي راند هاڪي کي ختم ڪرڻ جي تجويز

Most Popular