سجاول: تحريڪ انصاف جو اڳواڻ حليم عادل شيخ برسات متاثر علائقن جو دورو

سجاول: تحريڪ انصاف جي پارليماني ليڊر ايم پي اي حليم عادل شيخ جو سجاول جو دوروـ ڪيو سجاول شھر جي آس پاس وارن ڳوٽن جو پڻ دورو ڪيو.ان موقعي تي پي ٽي آئي سنڌ جي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته  برساتن کي ھڪ مھينو گذري ويو آھي پر سنڌ حڪومت جي نااھلي سبب ماڻهون اڃان تائين برسات جي پاڻي ۾ زندگي گذاري رھيا آهن .سجاول ضلعي جا ڪيترائي علائقه سنڌ حڪومت جي نااھلي سبب اڃان تائين پاڻي ھيٺ آھن.ڳوٺ نودو ٻارڻ ۾ برساتن جو پاڻي بيھڻ سبب رھواسي سخت پريشانين ۾ مبتلا آهن .ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جا گھر ڪري پوڻ سبب ڳوٺاڻا اڃان تائين کلي آسمان جي ھيٺيان ويٺل آھن.سنڌ حڪومت برسات متاثرين لاء اڃان تائين ڪجھ به ناھي ڪيو .سنڌ حڪومت طرفان سجاول ضلعي جي برسات متاثرين کي اڃان تائين ڪا به امداد ناھي ڏني وئي.برسات متاثرين کي نه راشن ڏنو ويو آهي نه ئي تنبو ڏنا ويا آهن ـ.تحريڪ انصاف برسات متاثرين کي ھن مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي جلد نودو ٻارڻ جي برسات متاثرين کي امداد مھيا ڪندي .ان موقعي پي ٽي آئي سجاول جا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

Read Previous

لاڙڪاڻو: گهر بچايو تحريڪ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي

Read Next

سپريم ڪورٽ اي پي ايس جي جوڊيشل رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular