ڊرٻ ميهر شاھ جي اڄڻ مائينر جي زرعي پاڻي تي باثرن جو ڌاڙو،آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو

ڊرٻ ميهر شاھ : ڊرٻ ميهر شاھ جي اڄڻ مائينر جي زرعي پاڻي تي باثرن جو ڌاڙو برقرار مائينر جي منڍ ۾ غيرقانوني واٽرس ڪورس ۽ پائيپ لڳائي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي ايس ڊي او ۽ انجيئر ايريگيشن ڪاروائي کان لنوائڻ لڳا ذرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف پڇڙي جا آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن غيرقانوني پاڻي چوري خلاف سماجي تنظيم عزم نوجوان اتحاد ۽ پڇڙي جي آبادگارن پاران ايريگشن عملدارن جي ناانصافين خلاف روڊ تي ڌرڻو، فيض واھ مان نڪرندڙ اڄڻ مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي جي مسلسل هٿراڌو کوٽ ۽ مائينر جي منڍ ۾ لڳل دڪا ۽ پائيپ ختم نه ٿيڻ خلاف نوجوان عزم اتحاد تنظيم ۽ پڇڙي جي آبادگارن ساجد علي، روشن علي، اسد الله ، محمد پنجل ، نثار احمد ، عزيز اڄڻ ،ممتاز اڄڻ جي اڳواڻي ۾ ڊرٻ ميهر شاھ گمبٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگشن عملدارن جي نااهلي سبب اڄڻ مائينر ۾ هٿراڌو کوٽ پيدا ڪئي وئي منڍ ۾ ڪيترائي بااثرن پاران غيرقانوني دڪا پائيپ لڳائي زرعي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي جنهن سبب پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي تباھ ٿي رهيا آھن ڪيترائي ڀيرا ايريگشن آفيسرن کي پاڻي چوري جون لکت ۾ شڪايتون ڪيون آھن پر ڪو به عمل نٿو ڪيو وڃي هنن مطالبو ڪندي چيو ته مائينر مان غيرقانوني پاڻي چوري روڪرائي پڇڙي تائين پاڻي فراهمي کي يقيني بڻائي فصلن کي بچايو وڃي

Read Previous

گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ اڇي مک ڪاهي پئي،هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو،زراعت کاتو بي خبر بڻيل

Read Next

سنجهورو ۾ پاڪستان خاصخيلي تنظيم جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس

Most Popular