اپوزيشن پاران گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد:وڌندڙ سياسي چڪتاڻ جي دوران پوزيشن حڪومت مخالف تحريڪ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مشاورتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ 26 نڪاتي ايڪشن پلان تي عمل جي پهرين قدم طور قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ گلگت بلتستان جي ايندڙ چونڊن تي ڳالهين لاءِ پارلياماني اڳواڻن جي گفتگو ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي باضابطه فيصلي جو اعلان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي ان رپورٽ کانپوءِ ڪيو جڏهن مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نوازشريف فون تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سان اپوزيشن جي هاڻوڪي تشڪيل شده اتحاد پاڪستان ڊيموريڪٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه بلاول ڀٽو پي ڊي ايم مان مستقبل جي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف کي نامزد ڪيو.

Read Previous

اپوزيشن جي الزامن کي وقت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي: شبلي فراز

Read Next

بيجنگ ۾ ڇهه مهينن بعد آٽو شو، اڏامندڙ ڪار ميلو لٽي وئي

Most Popular