ورلڊ ڪپ ٻه هزار ٽيويهه لاءِ مضبوط ٽيم جي جوڙجڪ اهم حدف آهي: مصباح الحق

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽرمصباح الحق جو چوڻ آهي ته هن وقت ترجيح ورلڊ ڪپ ڪواليفڪيشن جا پوائنٽس ۽  ميگا ايونٽ جي لاءِ مضبوط  ڪامبينيشن جي جوڙجڪ آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آخري ون ڊي ميچ گذريل سال آڪٽوبر ۾ سريلنڪا جي خلاف ڪراچي ۾ کيڏيو ۽ هاڻ 30 آڪٽوبر تي ون ڊي ميچ زمبابوي جي خلاف کيڏندي. اهڙي طرح پاڪستاني ٽيم کي ون ڊي ميچ کيڏندي هڪ سال کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي. اهڙي ۾ بابر اعظم ون ڊي جي به ڪپتاني سنڀالي ورتي آهي. ڏٺو وڃي ته هن اڃان تائين ڪنهن به ون ڊي ۾ ڪپتاني ناهي ڪئي هو زمبابوي جي خلاف پهرين ميچ ۾ ڪپتاني ڪندو. ان حوالي سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق چيو آهي ته زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ بهتر انداز ۾ کيڏنداسين خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ون ڊي سيريز جي شروعات پاڪستان کان ئي ڪري رهيا آهيون پنهنجي ملڪ ۾ کيڏي هميشه خوشي ٿيندي آهي.

Read Previous

سنگاپور چهري ذريعي شهرين جي تصديق ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو

Read Next

پي سي بي جو نيشنل فريم ورڪ پاليسي تي اهم اجلاس سڀاڻي ملتان ۾ ٿيندو

Most Popular